سڪايل نواب شاهه

’سڪايل‘ نواب شاهه: صوفي شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب شاهه ولد امام علي شاهه رضوي، 1843ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعلق روهڙيءَ جي رضوي سيدن جي گهراڻي مان هو. شروعاتي زندگي عيش ۽ آرام سان گذاريائين. جوانيءَ ۾ صوفي فقير بيڪس جي اثر سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو، پاڻ سڀ شاهاڻا شوق ڇڏي فقير بڻيو، بيڪس جي وفات کان پوءِ دنيا کي ترڪ ڪري مرشد جي مزار جو مجاور بڻيو.
پاڻ بهترين شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ جوش ۽ ولولو شدت سان موجود آهي. حسن ۽ عشق جو ذڪر آهي، پاڻ تصوف جا نڪتا به جماليات جي جلوي سان پيش ڪيا اٿس.
سندس شاعريءَ ۾ ٻين خوبين کانسواءِ ٻوليءَ جي سادگي، ميٺاج، موسيقي ۽ رواني به چڱي آهي، شاعريءَ ۾ ’سڪايل‘ تخلص استعمال ڪندو هو.
سندس ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو:
’سڪايل‘ جي سور جي، ساجن لهه سنڀار،
اٺ ئي پهر اندر ۾، تنهنجي آهه پچار،
مرڪ تنهنجي مست ڪيو، نازڪ نيڻن ٺار،
اکين جا آڌار آءُ ته پرچون پاڻ ۾.
نواب شاهه رضوي، ذوالقعد 1319هجري بمطابق 1901ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو